SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اتحاد مٽائڻ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اتحاد مٽائڻ

Renversment des alliances

ريورسمن ڊائي الائنسز

هي اصطلاح سفارتي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندو آهي، جنهن مطابق ڪا به هڪ رياست پنهنجو اتحاد هڪ ڌُر سان ختم ڪري، ڪنهن ٻي اهڙي ڌُر سان نئون اتحاد ڪري، جنهن سان ويجهي ماضيءَ ۾ سندس تڪرار رهي چڪو هُجي. ”طاقتي توازن“ جي تاريخ ۾ 18 ۽ 19 صدي عيسويءَ ۾ عالمي سياست جي ”غيرنظرياتي دورن“ ۾ هن قسم جي هلت عام جام ڪئي ويندي هئي. بين الاقوامي تعلقات ۾ ”حقيقت پسند“ نظريي مطابق طاقت جو دُرست استعمال فقط تڏهن ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ڪا به رياست پنهنجي طرفان ڪيل اتحادن جو جائزو وٺندي، ان ۾ مُناسب تبديليون ڪندي رهي. هي نظريو آمريڪي صدر جيفرسن، 7 جنوري 1801ع ۾ آمريڪي ڪانگريس آڏو تقرير ڪندي پڌرو ڪيو. سندس خيال موجب، آمريڪا کي صدر واشنگٽن جي ”مستقبل وابستگين“ وارين پاليسين جو جائزو وٺندي، پنهنجا اتحاد عارضي بُنيادن تي طئي ڪرڻ گهرجن. اڳتي هلي سوويت يونين طرفان 1939ع ۾ نازي جرمنيءَ سان ڪيل اتحاد/ معاهدي کي به هن اصطلاح جي پسمنظر ۾ ڏٺو


Remember Me Also:

گنٺ

ذ . ڏَڍ جو ڦَٽُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal